ڀائي تيغ بهادر

ڀائي تيغ بهادر: گرو تيغ بهادر سنگهه سکن جو نائون گرو هو، جيڪو 1621ع ۾ هندستان جي صوبي پنجاب جي امرتسر ۾ ڄائو. هن آنندپور جو شهر ٻڌايو ۽ پنهنجي سموري زندگي هندو ڌرم جي رکشا لاءِ ارپي ڇڏي. هي انهيءَ خيال جو هو ته ماڻهن کي عبادت ۽ مذهب جي آزادي هئڻ گهرجي. جيڪو سندن پيدائشي حق آهي. آزاد خياليءَ سبب کيس ڪجهه ڪٽر پنٿين شهيد ڪيو. سندس جسم کي ايترو ته ايذايو ويو، جو سندس مڙهه جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو. جڏهن دهليءَ جي سکن کي اها خبر پئي ته سندس لاش چار سؤ ڪلوميٽر پري آنند پور ڪريا ڪرم لاءِ کنيو پيو وڃي ته هنن ڪريا ڪرميءَ طور سندس گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.
هن کي 44 سالن جي عمر ۾ سکن جو گرو چونڊيو ويو هو. پاڻ ڏهه سال گرو رهيو. هي سکن جو آخري گرو هو، هونئن سکن جا 10 گرو مڃيا ويا آهن. مگر ڏهون گرو گرنٿ صاحب (ڪتاب) آهي. هن کي 1675ع ۾ شهيد ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1621.00.00  عيسوي

گرو تيغ بهادر سنگهه 1621ع ۾ هندستان جي صوبي پنجاب جي امرتسر ۾ ڄائو


1675.00.00  عيسوي

گرو تيغ بهادر سنگهه 1675ع ۾ شهيد ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ريڊڪلف اوارڊ
جانڻ چن
عبدالرزاق ميمڻ ڊاڪٽر
چنڙ مهرالدين
اڪبر لغاري
سيٺ ڌريانو مل
چاچڙ علي مردان خان
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
بزرگ بن شهريار1
شيخ عبدالمجيد سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون